چپڙ ڪَدُو

چپڙ ڪَدُو: چپڙ ڪدو ڀاڄيءَ جو هڪ قسم آهي. هن سبزيءَ جو پتو هڪ خاص قسم جي ول ۾ پنن جي تهن ۾ ويڙهيل هوندو آهي. چپڙ ڪدوءَ جو پتو گول ٿيندو آهي. هن فصل جو اصل وطن آمريڪا جا گرم علائقا آهن، جتان هيءُ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پکڙيو آهي. چپڙ ڪدو ڀاڄيءَ ۾ عام استعمال ٿئي ٿو. هن جي پوک لاءِ وارياسي زمين موزون آهي. هن ول جي پوکڻ لاءِ زمين ۾ ڏيڍ ميٽر ويڪرا کِرا ٺاهي، انهن جي ٻنهي ڪنارن تي ٻج پوکيو ويندو آهي، کرن تي هن ول جي ٻجن جون چُنگيون 50 سينٽي ميٽر جي مفاصلي تي هنيون وينديون آهن، ته جيئن سٺي پيداوار حاصل ڪري سگهجي


هن صفحي کي شيئر ڪريو